تازه ترين

ڪراچي جي علائقي منگهوپير جي ڪنواري ڪالوني ۾ رينجرز ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي انتهائي گهربل ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي

- Advertisement -
ڪراچي جي علائقي منگهوپير جي ڪنواري ڪالوني ۾ رينجرز ڪارروائي دوران فتنه الخوارج جي انتهائي گهربل ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ زيد الله عرف زيدو، نور زاده ۽ حضرت عثمان جي نالي سان ٿي آهي. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدار خارجي امير شمس القيوم عرف زاويل عرف زغفران جا ويجها ساٿي آهن. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جاچ دوران جوابدار انڪشاف ڪيو ته هو علائقي جي ماڻهن جا فون نمبر شمس القيوم کي فراهم ڪندا هئا، جنهن بعد هو نمبرن تي ڀتي لاءِ ڪال ڪندو هو. رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن ڀتو وٺڻ ۽ لينڊ گريبنگ ۾ ملوث هئڻ جو به اعتراف ڪيو آهي، جوابدار نور زاده ۽ حضرت عثمان جا ڀائر اڳ ئي خارجي نيٽ ورڪ ۾ مارجي چڪا آهن. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار زيد الله عرف زيدو ايڪسائيز ٿاڻي ڪورنگي ۽ اي اين ايف کي به گهربل آهي، گرفتار جوابدارن کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
26.8 ° C
26.8 °
26.8 °
39 %
5.2kmh
27 %
اڱارو
27 °
اربع
31 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
31 °

تازه ترين خبرون