تازه ترين

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلو، 2 جوابدار مارجي ويا

- Advertisement -
ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ مبينا پوليس مقابلن ۾  2 جوابدار مارجي ويا، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن. پوليس موجب شاهراهه فيصل تي ڪراچي فوڊ وٽ ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته موقعي تي پوليس پهتي ته مقابلو ٿي پيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي قبضي مان 2 پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن. هوڏانهن پاڪ ڪالوني لياري ندي ويجهو منشيات جي اڏي تي پوليس جي ڇاپي دوران ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو. ايس ايس پي ڪيماڙي موجب فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جنهن جي عادل جي نالي سان سڃاڻپ ٿي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار جو ڏوهي رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
23.5 ° C
23.5 °
23.5 °
45 %
2.7kmh
19 %
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون