- Advertisement -
ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اڄ کان تيز هوا ۽ ڳڙي سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، سنڌ سرڪار طرفان صوبي ۾ هنگامي حالتون لاڳو ڪري لاڳاپيل کاتن جي ملازمن جون موڪلون بند ڪيون ويون آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ صبح کان ڇنڇر جي رات تائين ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي ڪار موجب ڪراچي جي ڪجهه هنڌن تي ڳڙي سان برسات پوڻ جو به امڪان آهن، ملير، ايئرپورٽ، گلشن حديد، اسٽيل ٽائون ۽ گڏاپ وارن علائقن ۾ ڳڙو پئجي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ ڳڙي جو امڪان 20 کان ٽيهه سيڪڙو آهي، شهر ۾ ٿڌيون ۽ خشڪ هوائون هلڻ جو به امڪان آهي، ڪجهه علائقن ۾ گرمي پد 9 کان 10 ڊگري تائين وڃي سگهي ٿو.
بلوچستان جي علائقي ڪيچ ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
برسات جي اڳڪٿي بعد سنڌ جي وڏي وزير هنگامي حالتون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن.
پي ڊي ايم اي ۽ ٻين ادارن کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي سرڪاري توڙي خانگي اداري ۾ هاف ورڪنگ ڊي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته شام جي شفٽ ۾ هلندڙ اسڪول بند رکيا ويندا.
وڏي وزير جي هدايت تي وزيراعليٰ هائوس ۾ رين ايمرجنسي سيل پڻ قائم ڪيو ويو آهي، شڪايتي سيل 29 فيبروري کان 3 مارچ تائين 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو.
سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته رين ايمرجنسي سيل جي سربراهي رياض وساڻ ڪندو، سيل جو ڪم متاثر ضلعن جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن سان رابطو قائم ڪرڻ آهي.
وڏي وزير چيو ته سمورا ڊي سيز روزانو جي بنياد تي 24 ڪلاڪ رپورٽ جمع ڪرائڻ جا پابند هوندا.
سندس چوڻ هو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ امڪاني برسات بابت موسميات کاتي ايڊوائزري جاري ڪئي آهي.- Advertisement -
