تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڪراچي نه پر  ايم ڪيو ايم لاوارث بڻجي چڪي آهي ۽ عوام ايم ڪيو ايم کي ٿڏي ڇڏيو آهي : سميتا افضال

- Advertisement -
سنڌ حڪومت جي ترجمان سميتا افضال چيو آهي ته ڪراچي نه پر  ايم ڪيو ايم لاوارث بڻجي چڪي آهي ۽ عوام ايم ڪيو ايم کي ٿڏي ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار جي ڏنل بيان جي رد عمل ۾ سميتا افضال چيو ته ڪراچي جا شهري سڀ ڄاڻين ٿا ته اهي اڻڄاتل ماڻهو ڪير هئا جن شهر کي تباهه ڪيو. سندس چوڻ هو ته دهشتگردي، ٻوري بند لاش ۽ ڀتا خوري جي سياست ڪندڙ پنهنجي ڳچيءَ ۾ جهاتي پائي ڏسن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم هزارين بيگناهه ماڻهن جو خون وهايو، کين پنهنجي ڪردار تي ڪراچي جي ماڻهن کان معافي وٺڻ گهرجي. ترجمان چيو ته سنڌ حڪومت ڊمپر حادثن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي آهي ۽ حادثن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سميتا افضل چيو ڪراچي ۾ هن وقت بي مثال ترقياتي ڪم ۽ عوامي منصوبا جاري آهن، ڪراچي جي ماڻهن ۽ واپارين سنڌ حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته مڪاني چونڊن ۾ پ پ جي ميئر جي فتح پڻ شهرين جو اعتماد ظاهر ڪري ٿي، مڪاني چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم ان ڪري فرار ٿي ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي انجام جي خبر هئي. سميتا افضال چيو ته ڪراچي جي ماڻهن پاران رد ڪيل رٽائرڊ سياستدانن کي هاڻي ڪٿي ويهي الله الله ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون