ڪراچي واسين کي بجليءَ جو زودار جهٽڪو، بجلي 10 رپيا هڪ پيسا في يونٽ مهانگي

- Advertisement -
حڪومت ڪراچي واسين تي به بجلي بم ڪيرائيندي اگهن ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو. نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي پاران ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن لاءِ بجلي مهانگي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. نيپرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي لاءِ بجلي ڏهه رپيا هڪ پيسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي جڏهن ته بجلي هر مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ مهانگي ڪئي وئي. نوٽيفڪيشن موجب، جون ۾ 2 رپيا 68 پيسا، جولاءِ ۾ 3 رپيا 11 پيسا،  آگسٽ ۾ 3 رپيا 22 پيسا ۽ سيپٽمبر ۾ هڪ رپيا في يونٽ اضافي وصول ڪيا ويا. نيپرا نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اضافو ڪي اليڪٽرڪ جي لائف لائن ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل چارجنگ اسٽيشن تي لاڳو نه ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.5 ° C
11.5 °
11.5 °
44%
0.8m/s
100%
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
20 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون