- Advertisement -
ڪراچي پوليس مختلف مقابلن دوران افغان ڦورو گينگ جي ٽن جوابدارن سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي تهجمالي پل سروس روڊ تي ڏوهارين سان مقابلي دوران هڪ زخمي سميت ٽن ڏوهارين کي گرفتار ڪيو.
پوليس موجب، گرفتار ڏوهارين ۾ رحمت الله، عبدالمالڪ ۽ الله نظر شامل آهن، سندن تعلق 10 رڪني افغان گينگ سان آهي، جوابدارن جي ڪجهه وقت ڏينهن پهريان ساٿي کي ڇڏائڻ جي ويڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.
پوليس موجب، گرفتار جاوبدارن جي ٻن ساٿين نجيب الله ۽ صدام کي سي ٽي ڊي گرفتار ڪيو هو
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي قبضي مان ٻه پسٽل، گوليون ۽ 2 موٽر سائيڪل هٿ ڪيون ويون، جڏهن ته جوابدارن ڪيترن ئي اسٽريٽ ڪرائيم وارداتن جو اعتراف ڪيو آهي.
ٻئي پاسي سينٽرل ضلعي جي پوليس مقابلي دوران ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته نرسري ڪٽ بابا موڙ ويجهو گرفتار ڪيل ڦورن جي سڃاڻپ ساجد ۽ سراج جي نالن طور ٿي آهي سندن قبضي مان پسٽل، موبائل فون ٻيو سامان هٿ ڪري کين طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منقتل ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
