تازه ترين

ڪراچي پوليس سٺي فورس آهي، اميد آهي ته پوليس بهترين ڪم ڪري ڏوهن جو خاتمي ڪندي: مراد علي شاهه

- Advertisement -
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪراچي پوليس سٺي فورس آهي، اميد آهي ته پوليس بهترين ڪم ڪري ڏوهن جو خاتمي ڪندي، شهر ۾ سڪيورٽي ۽ نگراني وڌائي وڃي، عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پهرين ترجيح آهي. سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ امن امان جي صورتحال بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ايڊيشنل آءِ جي عمران يعقوب، ڊي آءِ جي مقدس حيدر ۽ ٻين شرڪت ڪئي. وڏي وزير شهر ۾ سڪيورٽي ۽ نگراني وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هو چاهي ٿو ته هر   طرح سان عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائي وڃي. ڪراچي پوليس چيف ٻڌايو ته پوليس بدليا ۾ ڇاپو هڻي ٻن مغوين عبدالله ۽ شاهد کي بازياب ڪرايو، ڪارروائي دوران جوابدار عنايت رحمان، حيات علي ۽ وحيد الله کي زخمي  حالت ۾ گرفتار ڪرايو ويو آهي. هن چيو ته اغوا بعد نويد اختر ڪال ڪري ڀنگ گهريو هو، اِهو اغوا ڪندڙن جوگروپ ملڪ کان ٻاهر ويهي ڪراچيءَ ۾ ڀنگ عيوض اغوا جون وارداتون ڪري ٿو. سيد مراد علي شاهه بلديا جي ۾ ڇاپو هڻي ٻن مغوي کي بازياب ڪرائيندڙ پوليس اهلڪار کي شاباس ڏني. سندس چوڻ هو ته ڪراچي پوليس چيف اهلڪارن جي همٿ افزائي ڪري، هو پاڻ به پوليس اهلڪارن سان ملاقات ڪندو. ايڊيشنل آءِ جي ٻڌايو ته ڪراچيءَ ۾ روزانو 166 ڪيس ٿين ٿا، جيڪي ملڪ جي ٻين وڏن شهرن جي ڀيٽ ۾ گهٽ آهن. وڏي وزير چيو ته ڪراچي پوليس سٺي فورس آهي، اميد آهي ته پوليس بهترين ڪم ڪري ڏوهن جو خاتمي ڪندي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
6 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون