تازه ترين

ڪراچي پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٽن ڦورو کي گرفتار ڪري ورتو

- Advertisement -
ڪراچي پوليس مبينا مقابلي کانپوءِ هڪ زخمي سميت ٽن ڦورو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ايس ايس پي ڪياماڙي جو چوڻ آهي ته سائيٽ بي پوليس جو شير شاهه پل وٽ موٽر سائيڪل سوار ٽن ڄڻن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته جوابدار فائرنگ ڪري ڏني، اهلڪارن جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو جنهن کي ٻن ساٿين سميت گرفتار ڪيو ويو. ايس ايس پي ڪياماڙي ڪيپٽن فيضان علي موجب، گرفتار جوابدار حب طرف کان ايندي موچڪو، مدينه ڪالوني، سعيد آباد، بلديا جي علائقي مان ڪيترن ئي ماڻهن کان وارداتون ڪندا اچي رهيا هئا ڪيترن ئي فريادين سندن سڃاڻپ پڻ ڪئي آهي. ايس ايس پي موجب، گرفتار جوابدارن جي قبضي مان ڦر ڪيل موبائل فونز، هٿيار ۽ هڪ موٽر سائيڪل هٿ ڪئي وئي جڏهن ته زخمي جوابدار کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ڪياماڙي وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدارن جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
17 %
3.7kmh
21 %
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون