- Advertisement -
ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ ميئر مرتضيٰ وهاب مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ ٽريفن جي صورتحال ۽ پاڻي نيڪالي جو جائزو ورتو.
گذريل ڏينهن ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي جنهن هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جڏهن ته مختلف علائقن ۾بجلي جي فراهمي پن معطل ٿي وئي.
برسات کانپوءِ ميئر ڪراچي مرتضى وهاب مختلف علائقن جود ورو ڪيو.
ان موقعي تي سندس چوڻ ڊرگ روڊ کان راشد منهاس روڊ ۽ گلستان جوهر تائين روڊ ڪليئر آهن، جڏهن ته ناٿا خان علائقي جي حالت اڃا خراب آهي.
مرتضيٰ وهاب وڌيڪ چيو ته جيستائين شهر مان پاڻي نيڪال نه ٿي ويندو هو روڊن تي موجود هوندو، ايم ڊي واٽر ڪارپوريشن ۽ ميونسپل ڪمشنر ڪي ايم سي به ساڻس گڏ آهن….- Advertisement -
