- Advertisement -
اسرائيلي فوج رفح جي محفوظ زون تي حملا شروع ڪري ڇڏيا، سڄي رات گولا باري ۽ غزه شهر ۾ گهرن تي بمباري جي نتيجي ۾ هڪ سئو کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي ويا جڏهنته 150 زخمي ٿي پيا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، اسرائيلي فوج رفح تي حملا شروع ڪري ڇڏيا جڏهن ته خان يونس ۾ هلال احمر جي هيڊڪوارٽر تي اسموڪ بم اڇلايا.
عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته گذريل 24 ڪلاڪ دوران اسرائيلي حملن ۾ 110 فلسطيني شهيد ٿي ويا.
ٻئي پاسي القسام بريگيڊ غزه شهر ۾ مارٽر گولن سان اسرائيلي فوجين کي نشانو بڻايو ته اسرائيلي فوج غزه ۾ حماس مخالف پمفليٽ اڇلائڻ شرو ڪري ڇڏيا.
ان کان علاوه اسرائيلي فوج ڏکڻ لبنان ۾ ه حزب الله جو هيڊڪوارٽر تباه ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي جڏهن ته اسرائيلي فوج ڇاپن دوران 12 فلسطينين کي پڻ حراست ۾ ورتو.
ٻئي طرف غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوششون جاري آهن، ترڪي جي انٽيليجنس سربراهه حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه سان قطر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ غزه ۾ امداد ۽ يرغمالين جي آزادي تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي……..- Advertisement -
