ڄامشورو: ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيل پورهيت فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو

- Advertisement -
ڄامشوري ۾ ٻارڙن جي ڳالهه تان زخمي ٿيل پورهيت نوجوان اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جڏهن ته وارثن پاران جوابدارن کي آزاد ڪرڻ خلاف لاش انڊس هاءِ وي تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ٽي ڏينهن اڳ ريلوي اسٽيشن واري علائقي ۾ ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي ۾ پورھيت عبدالجبار ٿھيم زخمي ٿي پيو هو. زخمي پورهيت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال داخل ڪرايو ويو هو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو. اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. حبدار ٿهيم، گلزار ٿهيم، جي ايم ٿهيم ۽ ٻين مقتول عبدالجبار ٿهيم جو لاش انڊس هاءِ وي تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي الزام هڻندي چيو ته مجاھد پنھور گھٽيءَ جي معاملي تان پنھنجي ساٿين دلاور بروھي ۽ اصغر بروھي جي مدد سان حملو ڪندي عبدالجبار ٿهيم کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو ھو. هنن چيو ته زخمي کي لمس اسپتال داخل ڪرايو ھو جتي ٽن ڏينھن بعد ھو فوت ٿي ويو آھي. سندن چوڻ هو ته بروقت اھڙي رپورٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ڏيتي ليتي بعد آزاد ڪيا ۽ پوليس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ کان جواب ڏنو آھي. احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ۽ ڏيتي ليتي ڪندڙ چوڪي انچارج خلاف قانوني ڪاروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
25%
3m/s
0%
ڇنڇر
28 °
آچر
32 °
سُومر
32 °
اڱارو
31 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون