تازه ترين

ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊبلر ڊيڪر بسون هلايون وينديون: سنڌ جو سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڊبلر ڊيڪر بسون هلايون وينديون، ملير ايڪسپريس وي ڪراچي جي عوام لاءِ پيپلزپارٽي جو تحفو آهي، سي پيڪ جو ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جو جديد منصوبو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڌيڪ اڪنامڪ زون قائم ڪرڻ ممڪن نه آهن،  ريڊ لائن بي آر ٽي منصوبي ۾ حڪومت طرفان ڪا به دير نه ٿي رهي آهي، شهر ۾ سبسڊي تي ٽرانسپورٽ هلائي پئي وڃي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ماضي کان بهتر آهي. ڪاٽي ۾ خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف زرداري واپاري برادري تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو، وڏو وزير مراد علي شاهه ۽ سنڌ حڪومت اوهان جي ڳالهه کي سنجيدگيءَ سان وٺندي آهي ڇو ته ملڪ کي واپاري برادري هلائي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته هو نوان صنعتي زون ٺاهڻ بابت اوهان جي تجويز جي سئو سيڪڙو حمايت ڪري ٿو، سي پيڪ ۾ ڌاٻيجي اڪنامڪ زون جو جديد منصوبو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام ۾ وڌيڪ اسپيشل اڪنامڪ زون نٿا ٺاهي سگهجن. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻن ڏينهن ۾ ملير ايڪسپريس وي جو افتتاح ڪندو، ملير ايڪسپريس وي پيپلز پارٽي جو ڪراچي جي رهواسين لاءِ تحفو آهي، يلو لائن بي آر ٽي جي بورڊ اجلاس ۾ ڪاٽي جي هڪ نمائندي کي خاص طور تي طلب ڪيو ويندو، ڪوشش آهي ته ڄام صادق پل جو ڪم 8 مهينن ۾ مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته هن وقت به ڪراچي ۾ هو سبسڊي تي ٽرانسپورٽ هلائي رهيا آهن، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو اي وي بسون ۽ عورتن لاءِ مخصوب بسون حڪومت طرفان متعارف ڪرايون ويون آهن. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته ريڊ لائن بي آر ٽي ۾ حڪومت سبب ڪا به دير ناهي ٿي، يوٽيلٽيز جي منتقلي سبب ڪم ۾ دير ٿي آهي، ڪراچي شهر لاءِ هو هلندڙ سال ڊبل ڊيڪر بسون آڻي رهيا آهن، ڪوشش آهي ته هلندڙ سال شاهراهه فيصل تي ڊبل ڊيڪر بسون هلائي سگهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته انفراسٽرڪچر تي ڪجهه واپاري سپريم ڪورٽ ويا آهن، سنڌ هائيڪورٽ جو فيصلو آهي ته اهو سنڌ حڪومت کي ڏنو وڃي، ايسوسي ايشن منجمد 190 ارب رپيا جاري ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سيس جي رقم خبر ناهي ڪهڙي جنم ۾ شهر تي خرچ ڪئي ويندي، مسئلا آهن ۽ سنڌ حڪومت انهن کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده آهي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال تمام بهتر آهي پر مسئلا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته پهريان ڏهه ڏهه  ڏينهن هڙتالون ٿينديون هيون، ڪم بند ٿيندو هو، هاڻي اهڙي صورتحال ناهي، هاڻي سيڙپڪاري لاءِ محفوظ ملڪ آهي، پاڻي وڏو مسئلو آهي، ڪي فور ۽ حب ڪينال منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. سنڌ جي سينيئر وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران سالڊ ويسٽ کي اربين رپيا ڪچرو کڻڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن، حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ عوام جا در کڙڪائي ڪچرو کنيو پيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري جي ويزن موجب ڪم ڪري رهي آهي، اين آءِ سي وي ڊي جا ڪيترائي يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن ۽ انتهائي مهانگي سائبر نائف سرجري مفت ڪئي پئي وڃي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
29.4 ° C
29.4 °
29.4 °
32 %
0.9kmh
0 %
خميس
33 °
جمعو
33 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
31 °

تازه ترين خبرون