تازه ترين

وفاقي ۽ سنڌ سرڪار ۾ پراڻن ڪوارٽرن جي جاءِ تي نوان ڪوارٽر ٺاهڻ جو معاهدو

- Advertisement -
ڪراچي ۾ پراڻن ڪوارٽرن جي خالي زمين تي وڏيون عمارتون تعمير ڪرڻ جي منصوبي تي وفاقي حڪومت، سنڌ سرڪار سان ايم او يو جي منظوري ڏئي ڇڏي. معاهدو وفاقي وزارت هائوسنگ اينڊ ورڪس، مڪاني ادارن واري کاتي ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن وچ ۾ ٿيندو. وڏي وزير جي ترجمان موجب، ٽي ڌريون جهانگير، مارٽن، ڪليٽن ۽ پاڪستان ڪوارٽرز کي ٻيهر تعمير ڪنديون، شهر جي وچ ۾ اٽڪل 335 ايڪڙ خالي زمين آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته حڪومت پاران ٺاهيل ڪوارٽرن مان اڪثريت جي  زبون حالي جو شڪار آهن، سمورا ڪوارٽر وفاقي ملازمن کي الاٽ ڪيا ويا هئا جڏهن ڪراچي وفاقي راڄڌاني هو، اڪثر ڪوارٽرن تي هاڻي ملازمن جي خاندانن جو قبضو آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جو چوڻ آهي ته ڪجهه ڪوارٽرن کي وڪرو ٿيڻ جا اطلاع آهن، ڪنهن به رهائشي وٽ ڪا به الاٽمينٽ يا ٽائيٽل ڊيڊ موجود ناهي. سندس چوڻ هو ته ڪوارٽرن جي تعمير سان گڏ گرين زون ۽ ڪمرشل ايريا ٺاهيا ويندا، منصوبي تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ذريعي سيڙپڪاري ٿيندي. سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته ڪنهن به رهائشي کي ڪوارٽرن کان محروم نه ٿيڻ کي يقيني بڻايو ويندو، ڪوارٽرن جي سمورن رهائشين کي نئين رهائشي عمارتن ۾ هر صورت ۾ منتقل ڪيو ويندو. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته منتقلي کانپوءِ رهائشين کي پاور آف اٽارني منتقل ڪئي ويندي، اقتصادي سرگرمي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪمرشل زون ٺاهيو ويندو. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ڪي ايم سي مقامي ڪميونٽي کي منصوبي جي فائدن کان آگاهه ڪندي، معاهدي موجب ڪي ايم سي کي زمين جي سروي لاءِ 30 ڏينهن ڏنا ويندا، گهر گهر سروي جي ڪم لاءِ 45 ڏينهن جو وقت ڏنو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
31 %
2.2kmh
21 %
جمعو
32 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °
سُومر
32 °
اڱارو
29 °

تازه ترين خبرون