- Advertisement -
لياقت يونيورسٽي اسٽاف ويلفيئر ايسوسيئيشن لسوا چونڊن بعد سال 2023 جو مدو پورو ڪندڙ باڊي کان آفيس خالي ڪرائڻ لاءِ فيڊريشن جي ڪامياب قرار ڏنل پينل وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ کي خط لکي ڇڏيو.
آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي نگراني ۾ ڪامياب قرار ڏنل جيئي شاھ نوراني پينل جي عهديدارن وائيس چانسلر لمس پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ کي ٻه ڌار ڌار خط لکي ڇڏيا آهن.
خط ۾ چيو ويو آهي ته جيئي شاھ نوراني پينل آئيني طريقي سان ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي جنهن ڪري پوئين باڊي کان آفيس خالي ڪرائي چونڊيل عهديدارن حوالي ڪئي وڃي.
خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته لسوا جي آرٽيڪل 11 جي شق نمبر 3 جي ڀڃڪڙي ڪندي اڳوڻي چيئرمين پاران پنهنجي سگنيچر سان پنهنجي گروپ جي پينل کي ڪامياب قرار ڏيڻ اداري ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ آهي.
خط جي متن موجب لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ گذريل پنج چونڊون آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊريشن سنڌ جي نگراني ۾ ٿي گذريون آهن، فيڊريشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت ڪامياب عهديدارن کي لسوا آفيس خالي ڪرائي ڏني وڃي.- Advertisement -
