تازه ترين

ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ کان شاگردن کي کڻي ايندڙ اڏام لاهور پهچي وئي آهي

- Advertisement -
ڪرغزستان جي راڄڌاني بشڪيڪ کان شاگردن کي کڻي ايندڙ اڏام لاهور پهچي وئي آهي، اڏام ذريعي 140 شاگرد وطن واپس پهچي ويا آهن، اڄ به خاص اڏام هلائي ويندي. لاهور ايئرپورٽ تي ڪرغزستان جي اڏام 140 پاڪستاني شاگردن کي کڻي لاهور پهتي، لاهور ايئرپورٽ تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي شاگردن جي آجيان ڪئي. وفاقي گهرو وزير محسن نقوي حفاظت سان وطن واپس پهتل شاگردن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن خيريت معلوم ڪئي ۽ کانئن بشڪيڪ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي بابت پڇيو. ان موقعي تي گهرو وزير چيو ته ڪرغزستان ۾ موجود پاڪستاني شاگرد قوم جا ٻار آهن، وزيراعظم ان واقعي کانپوءِ فوري طور تي پاڪستاني شاگردن جي حفاظت لاءِ قدم کنيا، الله پاڪ جو شڪر آهي ته ٻار صحيح سلامت وطن پهتا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڪرغزستان ۾ موجود ٻين شاگردن کي به پاڪستان واپس آندو ويندو، پاڪستاني شاگردن جي محفوظ واپسي اسان جي پهرين ترجيح آهي. وفاقي گهرو وزير چيو ته انشاءَ الله اڄ وڌيڪ اڏام ذريعي شاگردن کي وطن واپس آندو ويندو، ٻين شهرن سان تعلق رکندڙ شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت ڏني ويندي. محسن نقوي چيو ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ وفاقي وزير امير مقام به وزيراعظم جي خاص هدايت تي اڄ ڪرغزستان ويندا……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
few clouds
28.2 ° C
28.2 °
28.2 °
34 %
4.7kmh
16 %
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
29 °
اڱارو
30 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون