- Advertisement -
اسلام آباد هائيڪورٽ چيو آهي ته ڪنهن کي خبر ناهي ته سائفر جو متن ڇا آهي، پر چون پيا ته دشمن کي فائدو ٿيو، سمورو ڪيس هڪ دستاويز جي چوڌاري پيو گهمي ۽ اهو رڪارڊ تي ئي ناهي.
اسلام آباد هائيڪورٽ ۾ سائفر ڪيس ۾ سزا خلاف پي ٽي آءِ باني ۽ شاهه محمود قريشي جي اپيل تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب تي ٻڌل بئنچ ڪئي.
چيف جسٽس چيو ته هنن اڊيالا جيل جي سپريڊنٽ کان رپورٽ گهرائي هئي پر اها اڃا تائين پيش ناهي ڪئي وئي.
پي ٽي آءِ باني جي وڪيل سلمان صفدر چيو ته سائفر آفيس 24 ڪلاڪ ڪم ڪندي آهي، سائفر ايِ ميل ذريعي مليو.
چيف جسٽس چيو ته هاڻي به جيڪو سائفر ايندو آهي اهو اي ميل ڪوڊڊ شڪل ۾ ايندو آهي، آفيسر ان کي ڊائون لوڊ ڪري ڊي ڪوڊ ڪندو؟
وڪيل چيو ته اصل سائفر ان وٽ ئي هوندو، ڳجهي ٻولي به ان تي لکيل آهي، پرڏيهي سيڪريٽري اجازت ڏيندو آهي ته سائفر ڪنهن ڪنهن وٽ وڃڻو آهي.
هن چيو ته سائفر جي ڪاپي جنهن جنهن وٽ ويندي اهو اصل سائفر تصور ٿيندو، جيڪو واپس ڪرڻ ضروري آهي، اهو سائفر واپس ڪري ضايع ڪيو ويندو آهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪا اي ميل ڪوڊڊ فارم ۾ ميل ذريعي آئي ڇا اها اڃا تائين موجود آهي؟
اسپيشل پراسيڪيوٽر حامد علي شاهه چيو ته ها اهو ته موجود ئي رهندو.
چيف جسٽس چيو ته هي ڪرمنل ڪيس آهي، جنهن جو دستاويز رڪارڊ تي ئي ناهي، دستاويز جنهن جي غلط استعمال يا ٽوئسٽ ڪرڻ جو الزام آهي، ان جو متن ئي رڪارڊ تي ناهي.
هن چيو ته هي سول نه پر ڪرمنل ڪيس آهي ۽ هو اندازن تي نه ٿا وڃي سگهن.
وڪيل سلمان صفدر چيو ته جڏهن سپريم ڪورٽ آڏو اهو ڪيس ٻڌو ويو ته بئنچ بار بار چيو ته ان کي سائفر نه چئو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڇا ڪوڊ تائين پي ٽي آءِ بانيءَ جي پهچ هئي؟
سلمان صفدر چيو ته ڪا به پهچ نه هئي نه ئي اهوِ ايف آءِ اي جو ڪيس آهي، سائفر سڪيورٽي جو سيڪريٽ ڪوڊ تائين پهچ ناهي ته سسٽم ڪيئن ڪمپرومائز ٿيو؟
هن چيو ته عدالت آڏو هو درخواست آڻيندو ته اهي ڇا آهن، هنن ٽرائل ڪورٽ کي سائفر گائيڊ لائن جي درخواست ڏني هئي، جيڪا رد ڪئي وئي.
چيف جسٽس چيو ته سمورو ڪيس هڪ دستاويز جي چوڌاري گهمي رهيو آهي، اهو رڪارڊ تي ئي ناهي ۽ گهٽ ۾ گهٽ متن به رڪارڊ تي ناهي.
وڪيل سلمان صفدر چيو ته پراسيڪيوشن جو ڪيس اهو هو ته پرڏيهي کاتي مان ڪو سائفر چوري ڪري ملڪ دشمن کي ڏئي.
هن چيو ته پرڏيهي کاتي جي شاهد شمعون چيو ته اصل سائفر پرڏيهي آفيس ۾ پيو آهي، ان ايف آءِ آر ۾ سائفر لفظ غلط استعمال ٿيو، سائفر اتي ئي بيهجي ويندو آهي.
عدالت پڇاڻو ڪيو ته سپر ڪاپي ڪا آفيشل ٽرمنالاجي ته ناهي؟ ان تي اسپيشل پراسيڪيوٽر حامد علي شاهه چيو ته نه ائين نه آهي.
وڪيل سلمان صفدر چيو ته جيڪو نمبر لڳل آهي اهو سائفر ناهي پلين ٽيڪسٽ آهي، هڪ صفحي تي اهي چئي رهيو آهي ته آمريڪا کان نمبر لڳو، ٻئي صفحي تي چيو ويو ته سائفر ڪو نمبر هتي لڳو آهي، درست پوزيشن اها آهي ته شاهد چون پيا ته سائفر ڪاپي تي پاڪستان ۾ نمبر لڳو آهي.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ٽرائل ڪورٽ جي فيصل ۾ به ڪجهه هنڌن تي پڙهيو ته اتي به ڪاپي لکيل آهي.
عدالت اهو به پڇاڻو ڪيو ته اهو ڪٿي لکيل آهي ته سائفر جي ڪاپين کي ضايع ڪيو ويندو، ان تي سلمان صفدر چيو ته اوهان سائفر ڏسي سگهو ٿا.
اسلام آباد هائيڪورٽ چيو ته هو اپيل ٻڌي رهيا آهن، هو ٽرائل ڪورٽ جي فيصلي جي قانوني پوزيشن ڏسڻي آهي نه جج نه ئي پراسيڪيوشن کي اهو دستاويز ڏيکاريو ويو؟
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته ڪنهن کي به خبر ناهي ته سائفر جو متن ڇا آهي پر چئي رهيا آهن ته دشمن کي فائدو ٿيو، سائفر جو متن جج، پراسيڪيوشن يا جوابدارن جي وڪيلن کي آڏو ناهي، سائفر ڪيئن ڪم ڪندو آهي، پرڏيهي آفيس وارن کي گهرائي پڇو، ان بابت عدالت جي مدد ڪئي وڃي.
ايڊووڪيٽ جنرل اياز شوڪت چيو ته کين ڪورٽ جو حڪم ئي نه مليو هو.
چيف جسٽس چيو ته اوهان جي موجودگيءَ ۾ آرڊر لکرايو هو، ان کي غير سنجيده وٺي رهيا آهن.
بعد ۾ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي صبح تائين ملتوي ڪري ڇڏي…- Advertisement -
