تازه ترين

ڪنڌڪوٽ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن هندو واپارين کي زخمي ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
ڪنڌڪوٽ ۾ ڀتو نه ڏيڻ تان ھٿياربندن فائرنگ ڪري ٻن هندو واپارين کي زخمي ڪري ڇڏيو، واپارين پاران جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. سبزي منڊي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري ھندو واپاري ونود ڪمار ۽ راجيش ڪمار کي زخمي ڪري فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. مقامي ماڻهن ٻنهي زخمي واپارين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو. واقعي خلاف سبزي منڊي جي واپارين احتجاجي مظاهرو ڪري قومي شاھراھه بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن سبب مختلف علائقن ڏانهن ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي. واپارين جو چوڻ هو ته 3 ڏينهن کان واپارين ڏانهن ڀتي جون چٺيون اماڻيون پيون وڃن جنهن جو اطلاع پوليس کي به ڏنو ويو، سبزي منڊي ۾ پوليس چوڪي هجڻ باوجود پوليس ڪجهه به نه ڪيو. ھنن چيو ته ڏوھاري پوليس سامھون فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا، پر پوليس ڪا به ڪارروائي نه ڪئي، جيستائين واپارين کي تحفظ فراهم نه ڪيو ويندو تيستائين سندن احتجاج جاري رهندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
6 %
5.9kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
37 °
خميس
37 °
جمعو
36 °

تازه ترين خبرون