اسٽيبلشمينٽ جو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ آهي ته ان کي به ثابت ڪريو : چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

- Advertisement -
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪيس دوران تحريڪ انصاف جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو آهي ته اوهان جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ آهي ته ان کي به ثابت ڪريو، اسٽيبلشمينٽ جو لفظ استعمال ڪريو ٿا اصل نالو فوج آهي، اسٽيبلشمينٽ ڇو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهندي؟. سپريم ڪورٽ ۾ پشاور هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف اليڪشن ڪميشن جي درخواست بابت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪري رهي آهي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏيندي چيو ته ٻه سوال آهن ته ڇا عدالتي اختيار هو يا نه، ڇا اليڪشن ڪميشن وٽ انٽرا پارٽي اليڪشن جي ڇنڊڇاڻ جو اختيار آهي يا ناهي؟. تحريڪ انصاف جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته هو عدالت جي مدد ڪندو پر اڄ چونڊ نشان ۽ قطعي لسٽون جاري ٿيڻ جو آخري ڏينهن آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته عدالت کي ڄاڻ آهي عدالت تي هڪ بار فيصلو لکڻ به آهي جيڪو وڪيل تي ناهي، وڪيل ته بس دليل ڏئي نڪري ويندو آهي کين فيصلو لکڻ لاءِ به وقت گهربل هوندو آهي. وڪيل علي ظفر چيو ته آئين ۽ اليڪشن ايڪٽ اليڪشن ڪميشن کي انٽرا پارٽي چونڊن جو جائزو وٺڻ جي اجازت نٿا ڏين، چونڊ نشان انٽرا پارٽي اليڪشن سبب روڪي نٿو سگهجي، آرٽيڪل 17 ٻه تحت سياسي پارٽيون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو، سپريم ڪورٽ به  آرٽيڪل 17 ٻه جي تشريح ڪري چڪي آهي. وڪيل علي ظفر چيو ته اليڪشن چونڊ نشان سان وڙهڻ سياسي پارٽي جي حقن ۾ شامل آهي، انٽرا پارٽي اليڪشن جي بنياد تي سياسي پارٽي کي چونڊ نشان کان محروم ڪرڻ آرٽيڪل 17 ٻه جي ڀڃڪڙي آهي، اليڪشن ڪميشن بيٽ جي نشاني کسي  بدنيتي ڪئي آهي، اليڪشن ڪميشن ڪورٽ آف لا ناهي جو فيئر ٽرائل ڏئي سگهي. علي ظفر پنهنجي دليلن ۾ وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪنهن به ميمبر انٽرا پارٽي چونڊن کي چيلينج ناهي ڪيو، جيڪڏهن اليڪشن به چيلينج ڪئي وئي ته سول ڪورٽ جو معاملو هوندو، اليڪشن ڪميشن وٽ پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار ناهي، اليڪشن ڪميشن جا حڪم حقيقتن جي ابتڙ آهن ته عدالت کي جوڊيشل ريويو جو اختيار آهي. وڪيل علي ظفر چيو ته تحريڪ انصاف سياسي پارٽي آهي جيڪا خانگي شهرين جي تنظيم آهي، پي ٽي آءِ پهرين اليڪشن 8 جون 2022ع تي ڪرائي، 23 آڪٽوبر تي اليڪشن ڪميشن چيو ته اها غلط اليڪشن آهي، 20 ڏينهن ۾ ٻيهر چونڊون ڪرايون وڃن، اليڪشن ڪميشن اهو فيصلو سپريم ڪورٽ جي 8 فيبروري جي فيصلي کانپوءِ ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي حڪم ۾ انٽرا پارٽي چونڊون ٿيڻ جو اعتراف ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر کي مخاطب ٿيندي چيو ته رڳو سوشل ميڊيا يا ميڊيا تي اليڪشن ڪميشن تي الزام لڳائڻ ڪافي ناهي، اوهان جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ جو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ آهي ته ان کي به ثابت ڪريو، اسٽيبلشمينٽ ڇو اليڪشن ڪميشن تي دٻاءُ وجهندي؟. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ وڌيڪ چيو ته عدالت آئيني ادارن کي ڪنٽرول ته ڪري نٿي سگهي، اوهان جڏهن بدنيتي جو الزام لڳايو آهي ته ٻڌايو بدنيتي ڪٿي آهي. چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ڪميشن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ حڪومت دوران شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا، ڇا اوهان جي حڪومت ۾ اليڪشن ڪميشن هڪ آزاد آئيني ادارو هو جواب ڪنهن جي ماتحت ڪنهن جي ماتحت ٿي ويو؟، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي ان وقت نوٽيس ڪيو جڏهن حڪومت ۾ هئي، اليڪشن ايڪٽ جي آئيني حيثيت تي تبصرو نه ڪندا ڇو ته ڪنهن به ان کي چئلينج ناهي ڪيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته اليڪشن ايڪٽ کي چيلينج ناهي ڪيو ويو انڪري هو ان ايڪٽ تي بحث نه ڪندا جنهن تي علي ظفر چيو ته اليڪشن ايڪٽ کي هو به چيلنج نه ڪري رهيا آهن. جسٽس محمد علي مظهر سوال ڪيو ته ڇا پي ٽي آءِ پنهنجي جاري ڪيل شيڊول تي عمل ڪيو هو؟ ڇا چونڊون شفاف ٿيون؟ ڪجهه واضح هو ته ڪير اليڪشن وڙهندو ۽ ڪير نه؟،  اوهان ليول پلينگ فيلڊ جو مطالبو ڪيو، پنهنجي ميمبرن کي به ته ليول پلينگ فيلڊ ڏيڻي پوندي، اليڪشن ڪميشن پاڻمرادو ته ڪارروائي نه ڪئي شڪايتون ملڻ تي ڪارروائي ڪئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته  جمهوريت ملڪ سان گڏ سياسي پارٽين اندر به هئڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن کي ڪاغذ ڏيکاري چئي نه ٿو سگهجي ته انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي آهي. چيف جسٽس چيو ته انٽرا پارٽي چونڊ قانوني طريقي سان ٿي آهي ته چونڊ نشان ملڻ گهرجي، اليڪشن ڪميشن جي بدنيتي ثابت ڪرڻي پوندي، اڪبر ايس بابر استعيفيٰ ڏئي ٻئي پارٽي جوائن ڪئي آهي ته سرٽيفڪيٽ ڏيکاريو وڃي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته  ڇا پي ٽي آءِ پاڻ چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر نه ڪيو،  تحريڪ انصاف کي پنهنجي ساڍا 8 لک ميمبرن تي اعتماد ڇو ناهي، پارليامينٽ جو قانون آهي سياسي پارٽيون پاڻ ۾ جمهوريت پيدا ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
47%
2.7m/s
0%
اربع
31 °
خميس
24 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون