- Advertisement -
پاڪستان ڪوسٽ گارڊز بلوچستان جي علائقي گوادر ۾ ڪارروائي ڪندي 32 مڻ کان وڌيڪ چرس هٿ ڪري ورتو.
پاڪستان ڪوسٽ گارڊ گوادر جي علائقي ڪمب ۾ ڪارروائي ڪندي جهنگ ۾ لڪايل 32 مڻ 12 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتو.
ڪوسٽ گارڊ ترجمان موجب خدشو آهي ته هٿ ڪيل منشيات ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر سمگل ٿيڻي هئي.
ترجمان موجب پڪڙيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت 21 ڏهائي 6 ملين ڊالر جي لڳ ڀڳ آهي.
ترجمان موجب پاڪستان ڪوسٽ گارڊز هر طرح جي منشيات ۽ سمگلنگ جي روڪ ٿام جي ڪوشش ڪندي ملڪي معيشيت کي مستحڪم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.- Advertisement -
