- Advertisement -
ن ليگ اميدوار بشير ميمڻ جو چوڻ آهي ته مٽياري ضلعو ن ليگ جو قلعو ٿي ويوآهي، هڪ قومي اسيمبلي ۽ ٻن صوبائي اسيمبلين تي بيٺل ۽ حمايتي جماعت جا اميدوار عوام جي ووٽ جي طاقت سان ڪامياب ٿيندا.
ن ليگ جي اميدوار بشير ميمڻ پاران چونڊ سرگرميون تيز ڪيون ويون آهن.
يونين ڪائونسل عرضي ھڪڙا ۽ يوسي اڏيرولال اسٽيشن ۾ هڪڙا ۽ ساهوال برادري پاران ڪارنر گڏجاڻي ڪوٺائي وئي .
ن ليگ اڳواڻ بشير ميمڻ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته مٽياري ضلعو پيپلزپارٽي جو قلعو رھيو آھي، پر عوام کي سکڻا دلاسا مليا آهن جنهن جي ڪري عوام هاڻي ن ليگ ۽ جي ڊ اي اميدوارن جي حمايت ڪئي آھي.
سندس چوڻ هو ته انشاءالله ھن ڀيري عوام جي ووٽ جي طاقت سان ن ليگ مٽياري سميت سڄي ملڪ مان سوڀ ماڻيندي ۽ ايندڙ وزيراعظم نواز شريف ھوندو.
ان موقعي ته ن ليگ اڳوڻ بشير ميمڻ سان گڏ وڏيرو ايوب ھڱورو، سليم سنڌي، جي ايم ھڪڙو، فقير گلبھار ھڱورو۽ ٻيا اڳواڻ گڏ هئا.- Advertisement -
