ڪُرم ضلعي لاءِ امدادي سامان جو پهريون قافلو اڄ ٻيهر ٽل کان روانو ٿيندو

- Advertisement -
ڪُرم ضلعي لاءِ امدادي سامان جو پهريون قافلو اڄ ٻيهر ٽل کان روانو ٿيندو پوليس جو چوڻ آهي ته 80 کان وڌيڪ ٽرڪن تي ٻڌل قافلو گذرڻ وقت مک روڊن تي ڪرفيو لاڳو ڪيو ويندو. دوائن، سبزين، اٽي، ۽ ٻين شين سان ڀريل ٽرڪون ٽن ڏينهن کان ٽل ۾ بيٺل آهن، امدادي سامان جو قافلو 4 جنوري تي ڪرم لاءِ روانو ٿيڻو هو پر بگن ۾ ڊپٽي ڪمشڻر جي گاڏي تي فائرنگ کانپوءِ قافلو روانو نه ٿي سگھيو هو. ڪرم ضلعي ۾ قلم 144 لاڳو جڏهن ته ڊپٽي ڪمشنر جاويد الله محسود جي جاءِ تي اشفاق خان کي ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. خيال رهي ته 4 جنوري تي لوئر ڪرم جي علائقي بگن ۾ اڻڄاتل شرپسندن جي فائرنگ ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪرم سميت 7 ڄڻا زخمي ٿيا هئا جنهن کانپوءِ ڪرم لاءِ ٽن مهينن کانپوءِ کاڌي پيتي جو سامان کڻي ويندڙ  قافلي کي روڪيو ويو هو………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.3 ° C
22.3 °
22.3 °
37%
0.5m/s
8%
ڇنڇر
22 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون