- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف ڀرپور آپريشن ڪيو ويندو، ڪچي ۾ رڳو ڌاڙيل ۽ ڏوهاري نه پر عام ماڻهو به رهن پيا، جلد آپريشن ڪري ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جو خاتمو آندو ويندو، ڏوهارين جي مددگار پوليس اهلڪارن کي به بخش نه ڪيو ويندو، جديد هٿيارن جي خريداري لاءِ پئسا ڏئي ڇڏيا آهن، جلد هٿيار ملي ويندا.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ گهوٽڪي ضلعي ۾ امن امان بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران ايس ايس پي گهوٽڪي طرفان ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن ۽ امن امان بابت بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هو گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور ضلعن ۾ امن چاهن ٿا، پوليس کي سهولتون ڏئي رهيا آهن، پوليس جو ڪم عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪرڻ آهي.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن هو سٺو ڪم ڪندا ته ماڻهو ساٿ ڏيندا، ڪجهه اهڙا واقعا به ٿيا آهن، جن ۾ پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿيو، جيڪڏهن هو ڌاڙيلن کي چيلينج ڪندا ته مسئلا پيدا ٿيندا.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هن وقت سکر ڊويزن ۾ ڪوبه ماڻهو ڌاڙيلن وٽ قيد ناهي، ڪچي ۾ رڳو ڌاڙيل ۽ ڏوھاري نه پر عام ماڻهو به رھن ٿا، هو انٽيليجنس آپريشن تحت ڪم ڪري رھيا آھن.
هن چيو ته ڪچي جو علائقو تمام ننڍڙو آهي پر هڪ ڀيرو اندر داخل ٿيڻ کانپوءِ حقيقتون ٻيون ھونديون آهن، گهوٽڪي ۾ قبائلي جھيڙن کي روڪڻ لاءِ وڌيڪ ڌيان ڏيڻو پوندو، قبائلي تڪرار ۾ مارجي ويل جي جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.
آءِ جي سنڌ چيو ته هو ڪچي ۾ سوشل ميڊيا بند نٿا ڪري سگهن، سائبر ڪرائيم جو ريفرنس موڪلي ڇڏيو آهي، ڪچي ۾ سي ٽي ڊي کي ٽاسڪ ڏنو ويو آهي ۽ اهي ڳولهي رهيا آهن ته ڪچي ۾ هٿيار ڪير پهچائي رهيو آهي.
غلام نبي ميمڻ چيو ته جڏهن پوليس آپريشن جي ڳالهه ايندي ته هو جديد هٿيار خريد ڪري رهيا آهن جيڪي پوليس کي ڏنا پيا وڃن ۽ پوليس کي گاڏيون به ڏئي رهيا آھن، ڪچي مان پڪي تي ڏوھاري ايندا ته پوليس پڪٽن تي مقرر اھلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.
آءِ جي سنڌ چيو ته ڪڻڪ جي لاباري وقت آپريشن ۾ رڳو هڪ اعتراض هوندو آهي ته ان وقت پاڻي نه هوندو آهي، سمگلرن جا مددگار انتهائي خطرناڪ آهن سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، حڪومت هڪ ڏهائي 5 ارب رڳو هٿيارن لاءِ جاري ڪيا آهن.
غلام نبي ميمڻ چيو ته گهوٽڪي ۾ جيتريون پوليس پڪٽون آهن اتي کوجي ڪتا به ڏنا ويندا، ڪچي مان پڪي تي ڌاڙيلن جي اچڻ پوليس جي ڪمزوري آھي، پاڻي گھٽ ھجڻ ڪري ھن سيزن ۾ آپريشن ٿيندو آھي، شريف ماڻھن کي تنگ ڪرڻ تي پوليس خلاف ايڪشن ٿيندو، مددگار ڀلي پوليس ۾ ھجن ڪارروائي ٿيندي…..- Advertisement -
