تازه ترين

ڪڻڪ جا ذخيرا پيل هئڻ سبب آبادگارن کي اگهه گهٽ ملي رهيو آهي :مراد علي شاهه

- Advertisement -
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪڻڪ جا ذخيرا پيل هئڻ سبب آبادگارن کي اگهه گهٽ ملي رهيو آهي، نگران حڪومت ڪڻڪ ٻاهر موڪلي، آبادگارن کي مناسب اگهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 40 لک ٽن کان به وڌيڪ آهي، نوري آباد پاور پلانٽ ڪيس ٺهي ئي نه ٿو،  نيب بابت وڌيڪ ڪجهه چوڻ ئي نه ٿو چاهي. اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ نوري آباد پاور پلانٽ ۾ مبينا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد راڻا سنڌ جي وڏي وزير ۽ ٻين خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه عدالت ۾ پيش ٿيو. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي آرڊر بعد ڪيس جي ڪارروائي اڳتي نٿي هلي سگهي، ڪيس ٻي عدالت ۾ منتقل ڪيو، واپس نيب وٽ اچي ويو، ڪراچي مان اچڻو هوندو آهي، خرچ وڌيڪ آهي ڊگهي تاريخ ڏني وڃي. جج ناصر جاويد راڻا چيو ته سپريم ڪورٽ جي قطعي فيصلي جو انتظار ڪن ٿا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 26 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته عدالت جو ڪم ڪيسن جي ٻڌڻي ڪرڻ آهي، عدالت گهرائيندي آهي ته هو ايندا آهن. سندس چوڻ هو ته هو نيب بابت گهڻو ڪجهه چئي چڪا آهن، وڌيڪ ڇا چون، هي ڪيس ٺهي ئي نٿو، 50 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون آهن، ٻڌڻين تي ڪيترو خرچ آيو هوندو؟. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪڻڪ جا ذخيرا پيل هئڻ سبب آبادگارن کي اگهه گهٽ ملي رهيو آهي، نگران حڪومت ڪڻڪ ٻاهر موڪلي، آبادگارن کي مناسب اگهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي پيداوار 40 لک ٽن کان به وڌيڪ آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون