گهارو: سي آءِ اي پوليس جون ڪارروايون، منشيات وڪڻندڙ 8 جوابدار گرفتار، ڪيس داخل

- Advertisement -
ٺٽي ۽ گهاري جي سي آءِ اي پوليس مختلف هنڌن تي گڏيل ڪارروايون ڪري منشيات ۽ گٽڪي جو مٽيريل سپلائي ڪندڙ 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي آءِ اي پوليس گهاري، هاليجي لنڪ روڊ، مهراڻ فارم، ٻاٻڙا اسٽاپ تي ڌار ڌار ڪاروائين دوران 8 منشيات وڪرو ڪندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪيو. گرفتار ٿيل جوابدارن ۾ ڪيستان خان پٺاڻ، وهاب، برڪت پٺاڻ، ارحم شيخ، عمران شيخ، عباس ٻاٻڙو، شهزاد مهيري ۽ افتخار ٿهيم شامل آهن آهن، جن وٽان 2 هزار پيڪٽ گٽڪو، 30 ڪلو گٽڪي جو مٽيريل، 72 ديسي شراب جا بيگز هٿ ڪيا ويا. گرفتار ٿيل اٺن ئي جوابدارن خلاف گهاري ٿاڻي تي گٽڪا ايڪٽ ۽ منشيات آرڊيننس تحت ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23 ° C
23 °
23 °
58%
2.2m/s
43%
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون