- Advertisement -
جي ڊي اي اڳواڻن جو وفد قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويو.
تحريڪ تحفظِ آئين پاڪستان طرفان ڪوٺايل ٻن ڏينهن جي قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ جي ڊي اي جو اعليٰ سطحي وفد ڊاڪٽر صفدر علي عباسي، ڊاڪٽر فهميده مرزا، سيد زين شاهه، سردار عبدالرحيم ۽ ٻيا اڳواڻ قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ اسلام آباد پهچي ويا آهن.
قومي ڪانفرنس ۾ 8 فيبروري 2024 جي چونڊن، سنڌ ۾ امن امان جي خراب صورتحال ۽ مرتضيٰ خان جتوئي خلاف انتقامي ڪارروائين ۽ جعلي جڳهن جي رجسٽريشن بابت مسئلا اٿاريا ويندا.
قومي ڪانفرنس ۾ سنڌو درياءَ تي هڪ نئون ڪينال ٺاهڻ ۽ 26 هين آئيني ترميم جي حوالي سان حڪمت عملي تيار ڪرڻ تي غور ڪيو ويندو.
ڪانفرنس ۾ گڏيل عوامي آگاهي مهم ۽ ملڪ گير شعور مارچ شروع ڪرڻ تي پڻ غور ڪيو ويندو.
قومي ڪانفرنس ۾ ملڪ خاص طور تي سنڌ ۾ مهانگائي، بيروزگاري، بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ واڌ ۽ لوڊشيڊنگ خلاف حڪمت عملي ٺاهڻ جي مسئلن تي تفصيل سان بحث ڪيو ويندو.
ان موقعي تي جي ڊي اي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته 8 فيبروري 2024 جون چونڊون پاڪستان جي آئين کي ٽوڙڻ جي برابر آهن، جنهن کي فوري طور تي ڪالعدم قرار ڏئي اسيمبليون ٽوڙي ڇڏيون وڃن.
هن چيو ته فارم 47 تحت ٺهيل اسيمبليون 26 هين آئيني ترميم منظور ڪري ملڪ کي آئيني ۽ عدالتي بحران ڏانهن ڌڪيو، جنهن خلاف سڀني مڪتب فڪر کي سامهون اچڻو پوندو.- Advertisement -
