- Advertisement -
گهوٽڪي ڀرسان حساس اداري ۽ پوليس گڏيل ڪاروائي ڪندي ٻن خطرناڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن.
گھوٽڪي پوليس موجب، ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ياسين شر ۽ مينڌرو شر کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب، گرفتار جوابدارن وٽان 2 پسٽل پڻ هٿ ڪيا ويا، گرفتار مينڌرو شر 12 ۽ ياسين شر 15 ڪيسن ۾ گهربل هو.
پوليس ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ٻئي جوابدار سرحد ٿاڻي جي حد ۾ هڪ ڊرائيور جي قتل ۽ ٻئي جي اغوا ۾ ملوث هئا، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
پوليس موجب، گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف بنا لائسنس هٿيار رکڻ جي ڏوهه ۾ ڏهرڪي ٿاڻي تي سنڌ آرمز تحت به ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا……- Advertisement -
