تازه ترين

گڏيل عرب امارتن جي حڪومت موسمي الرٽ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
گڏيل عرب امارتن جي حڪومت موسمي الرٽ جي خاتمي جو اعلان ڪري ڇڏيو. برساتن سبب دبئي سميت ٻيا شهر پاڻي هيٺ اچي ويا هئا هاڻي ٻڌايو پيو وڦي ته برساتن جو سلسلو بند ٿيڻ کانپوءِ دبئي ۽ ٽرام ۽ ميٽرو سروس مڪمل بحال ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي. دبئي جي سڀ کان وڏي هاءِ وي شيخ زيد تي ٽريفڪ جي گهڻي حد تائين رواني بحال ٿي وئي آهي. مختلف علائقن مان برساتن جي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڪم جاري آهي ۽ ڪيترائي روڊ رستا ٽريفڪ لاءِ کوليا ويا آهن. شارجه جي ڪيترن ئي علائقن ۾ کاڌي پيتي جي سپر اسٽور تائين سامان جي پهچ اڃا معطل آهي. شارجه ۽ عجمان ۾ پاڻي جي نيڪال جون ڪوششون جاري آهن ۽ شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جو مشورو ڏنو ووي آهي. دبئي سميت ٻين رياستن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي اسڪول ۽ تعليمي ادارا بند رهندا. اختيارين تعليمي ادارن کي ريموٽ لرننگ جا انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته عرب امارتن جي حڪومت طرفان هٿرادو برسات جي افواهن جي ترديد ڪئي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
38 %
4kmh
100 %
سُومر
24 °
اڱارو
32 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون