- Advertisement -
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزه ۾ جاري اسرائيلي فوجي ڪارروائين کي بنيادي طور تي غلط قرار ڏنو آهي.
برطانوي ميڊيا کي انٽرويو ۾ انتونيو گوتريس چيو ته غزه ۾ آپريشن حماس کي ختم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويو هو پر غزه تباهه ٿي ويو.
هن وڌيڪ چيو ته غزه ۾ شهري مارجي ويا، ۽ غزه ۾ فوجي ڪارروائي ۾ عام ماڻهن جي موت ۽ تباهي کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ويو.
انتونيو گوتريس جو چوڻ هو ته غزه ۾ اسرائيل پاران ڪيل ڪارروائيون واضح طور تي ظاهر ڪن ٿيون ته اسرائيلي فوجي ڪارروائي جي طريقي ۾ خامي آهي ۽ اهڙا ثبوت موجود آهن، اهو يقين ڪري سگهجي ٿو ته اسرائيلي فوج غزه ۾ جنگي ڏوهه ڪيا.- Advertisement -
