گڏيل قومن ۽ يورپي يونين پاران پاڪ ايران ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
گڏيل قومن ۽ يورپي يونين، پاڪ ايران ڇڪتاڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته سلامتي جي سمورن خدشن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۽ ايران صبر جو مظاهرو ڪن ته جيئن ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ اضافو نه ٿئي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس چيو ته ٻئي ملڪ خودمختاري، علاقائي سلامتي ۽ سٺي پاڙيسري لاڳاپن جي اصولن تحت مسئلا حل ڪن. يورپي يونين جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان، عراق ۽ ايران ۾ ٿيل حملا يورپي يونين لاءِ ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته حملن سان ملڪن جي علاقائي سلامتي ۽ خودمختاري جي ڀڃڪڙي ٿي آهي. يورپي يونين جي ترجمان چيو ته حملن سان خطي ۾ عدم استحڪام جا اثر پيدا ٿيا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.4 ° C
20.4 °
20.4 °
58%
1.7m/s
0%
جمعو
26 °
ڇنڇر
28 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون