تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڳڙهي ياسين ۾ شهرين طرفان بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڳڙهي ياسين ۾ شهرين طرفان بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

شهرين ۽ جيها برادري طرفان مولا بخش جيهو، شاهزيب ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ انڊس هاءِ وي تي کيرٿر ڪينال پل تي رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.

ڌرڻي سبب روڊ جي ٻنهي پاسن کان گاڏيون بيهجي ويون ۽ مسافر پريشان ٿي ويا.

احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن.

هنن چيو ته هڪ ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿيارن جي زور تي آصف جيهو کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري ويا هئا.

هنن چيو ته هڪ هفتي اندر جيها برادري جي ماڻهن کان 3 موٽرسائيڪلون ڦر ڪيون ويون آهن.

احتجاج ڪندڙن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻي ۽ ايس ايس پي شڪارپور کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
28.6 ° C
28.6 °
28.6 °
21 %
3.9kmh
5 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون