2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن:سردار شاهه

spot_img
تعليم کاتي وارو صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته تعليم کاتي پهريان ڪهڙا ڦاڙها ماريا آهن جو هاڻي ماريندو، 2 ڪروڙ کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن، هو ڊي اي اوز ۽ ڊائريڪٽرن جي ڪارڪردگي مان مايوس آهن،  تعليم کاتي جا آفيسر وائس راءِ بڻجي ويا آهن،  آفيسرن کي ذميواريءَ جو مظاهر ڪرڻ گهرجي. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن پاران ايڊاپٽ اي اسڪول پروگرام کي ايڊاپٽ ڪندڙن جي مان ۾ تقريب ڪوٺائي وئي. تقريب ۾ سنڌ جي تعليم ۽ معدنيات واري وزير سيد سردار علي شاهه خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. تعليم کاتي جي سيڪريٽري زاهد عباسي ۽ اڳوڻي گورنر معين حيدر سميت ٻين به تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي سيد سردار شاھه چيو ته اھڙي قسم جي تقريب ڪوٺائڻ سندن  لاءِ خوشي جي ڳالھه آھي، ايڊاپٽ ڪرڻ ۾ اهو عنصر هوندو آهي ته ان ۾ ممتا هوندي آهي. سندس چوڻ ھو ته هو پولٽري نه پر ديسي چوزن مان آهي، محرومي تخليق جي ماءُ هوندي آهي. صوبائي وزير سردار شاهه چيو ته تعليم کاتي اڳ ڪهڙا ڦاڙها ماريا جو هاڻي ماريندو، هو ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن ۽ ڊائريڪٽرن جي ڪارڪردگي کان مايوس آهي، هي ته وائيس رائي بڻجي ويا آهن ماضي ۾ ڇا ٿيندو، هو اهو آئون نٿو ڄاڻن چاهي.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10 ° C
10 °
10 °
26%
1.4m/s
1%
اڱارو
10 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °

تازه ترين خبرون