تازه ترين

25 آڪٽوبر تائين آئيني ترميم نه ضروري آهي ۽ نه ئي مجبوري : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو آهي ته سندس دروازا تحريڪ انصاف لاءِ کليل آهن، اڄ تائين پي ٽي آءِ وارن ساڻن رابطو ناهي ڪيو.

نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي بلاول ڀٽو چيو ته 25 آڪٽوبر تائين آئيني ترميم نه ضروري آهي ۽ نه ئي مجبوري، حڪومت چاهي ٿي ته آئيني ترميم 25 آڪٽوبر کان اڳ ٿي وڃي.

سندس چوڻ هو ته جسٽس فائز عيسيٰ ۽ منصور علي شاهه ٻنهي جو احترام ڪن ٿا، پيپلزپارٽي سڀني جي اتفاق راءِ سان آئيني ترميم آڻڻ چاهي ٿي.

پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽي سمورين سياسي پارٽين ۾ اتفاق راءِ چاهي ٿي، پارليامينٽ ۾ چيو ويو ته سڀني کي گڏجي سڌارن لاءِ فيصلا ڪرڻ گهرجن، پارليامينٽ جي اهڙي ڪميٽي ٺهي جنهن ۾ سڀني جي نمائندگي هجي، هو گڏ ويهڻ جو ماحول ٺاهن ٿا ته پي ٽي آءِ طرفان ان کي خراب ڪيو وڃي ٿو.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جو مشن پاڪستان کي فيل ڪرڻ آهي، ملڪ نه هلڻ جو نقصان سڀني کي ٿيندو پر سياسي فائدو تحريڪ انصاف کي ٿيندو.

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان واپس وٺڻ سان سندن ڪو به تعلق ناهي، تحريڪ انصاف آئين موجب انٽرا پارٽي چونڊون نه ڪرايون هيون، پي ٽي آءِ جو باني عدالتي سڌارن کي سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿو.

هن چيو ته پيپلز پارٽي هاڪاري سياست ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي آهي جنهن ۾ گهٽتائي ٿيندي نظر اچي رهي آهي.

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته حڪومت جي انهن هاڪاري قدمن کي ساراهڻ گهرجي، پي ٽي آءِ جو مقصد آءِ ايم ايف پروگرام کي سبوتاز ڪرڻ ۽ عدالتي نظام ۾ تبديلي کي متاثر ڪرڻ آهي، پارلياماني ڪميٽي جوڙي وئي ته پي ٽي آءِ باني تڪراري بيان ڏنا ۽ جيل مان تڪراري خط موڪلي اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون