- Advertisement -
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق پي ٽي آءِ ميمبرن جي نه اچڻ تي ڳالهين واري ڪميٽيءَ جو اجلاس ملتوي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪميٽيءَ کي برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار اياز صادق چيو ته گذريل اجلاس ۾ فيصلو ٿيو هو ته ستن ورڪنگ ڏينهن ۾ ٻيهر اجلاس ٿيندو، اميد هئي ته مخالف ڌر جا ميمبر ايندا.
هن چيو ته هنن 45 منٽ انتظار ڪيو هنن طرفان پيغام نه آيو ته هو ايندا يا نه ايندا، هنن پي ٽي آءِ سان رابطو ڪيو آهي پي ٽي آءِ ميمبر چيو ته هو پنهنجي اعليٰ قيادت سان رابطو ڪري ٻڌائيندا.
اياز صادق چيو ته مخالف ڌر جي غير موجودگيءَ سبب ڳالهيون نه ٿيون.
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اعلان ڪيو ته ڳالهين واري ڪميٽي قائم رهندي، ان کي ختم نه ڪيو ويندو.- Advertisement -
