تازه ترين

27آڪٽوبر ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي : چوڌري انوار الحق

- Advertisement -
آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق چيو آهي ته 27آڪٽوبر ڄمون ڪشمير جي عوام لاءِ ڪارو ترين ڏينهن آهي، ڀارت ننڍي کنڊ جي ورهاڱي جي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪئي، عوام جي خواهشن جي ابتڙ ڪشمير ۾ پنهنجي فوج لاهي هڪ حصي تي قبضو ڪيو. والاريل ڪشمير جي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چوڌري انوار الحق چيو ته ڀارت نالي ماتر معاهده الحاق هندستان کي بنياد بڻائي ڄمون ڪشمير تي پنهنجي دعويٰ ڪئي، جنهن کي گڏيل قومن رد ڪيو. سندس چوڻ هو ته ڀارت جي غيرقانوني ۽ ظالماڻي قبضي کي رياست ڄمون ڪشمير جي عوام ڪڏهن قبول نه ڪيو آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته 27 آڪٽوبر کي لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري ڪارو ڏينهن طور ملهائيندا آهن، ڀارت جي ظالماڻي قبضي خلاف ڀرپور احتجاج ڪندا آهن. چوڌري انوار الحق چيو ته والاريل ڄمون ڪشمير جي عوام جي جدوجهد حق خوداراديت لاءِ آهي، اهو حق گڏيل قومن جي ٺهرائڻ ۾ ڪشميري عوام کي ڏنو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
1 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.6 ° C
27.6 °
27.6 °
22 %
2.1kmh
0 %
آچر
32 °
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون