- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس 45هين ورسي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته اڄ قوم جڏهن ته پنهنجي عظيم ليڊر جي شهادت جو ڏهاڙو ملهائي رهي آهي ته ڏک سان ڀريل ڪنهن حد تائين هڪ اطمينان آهي، اطمينان اهو آهي ته انصاف جي نظام آخرڪار شهيد ڀٽو جي شهادت ۾ پنهنجي شريڪ ڪردار جو اعتراف ڪري ڇڏيو آهي.
قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ڀٽو جي عدالتي قتل جي 45 ورهين بعد هي اعتراف عوام جي دل ۽ تاريخ جي فيصلي جي ترجماني آهي.
سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن بنا شڪ شبي جي شهيد راڻي بينظير ڀٽو جي موقف جي عدالتي منظوري برابر آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جو موقف هو ته شهيد ڀٽو کي هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت عدالتي ظلم جو شڪار بڻايو ويو، هو صدر آصف علي زرداري کي شهيد ڀٽو ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس داخل ڪرڻ تي ڀيٽا پيش ڪن ٿا.
هن چيو ته صدر زرداري طرفان سپريم ڪورٽ ۾ صدارتي ريفرنس داخل ڪرڻ قومي تاريخ جي هڪ اهم اڳڀرائي هئي، شهيد ڀٽو ڪيس ۾ صدارتي ريفرنس ملڪ جي عدالتي سفر ۾ اهم اڳڀرائي جو رستو همنوار ڪيو آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جون ملڪ جي سياسي ۽ سماجي منظر نامي ۾ بي مثال خدمتون آهن، ملڪ کي آئين، ايٽمي پروگرام، زرعي ۽ صنعتي سڌارا قائد عوام جا تحفا آهن، شهيد ڀٽو جي مشن کي انجام تائين پهچائڻ جو سفر اڃا به جاري آهي.- Advertisement -
