پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عام چونڊن ۾ ڪنگز پارٽي جي حالت خراب ٿيندي، هر اليڪشن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪنگز پارٽي نموني واپس اچي ويندي آهي، شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ پ پ تمام گهڻي محنت ڪئي، مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جو پ پ کي نقصان گهٽ ۽ فائدو وڌيڪ ٿيندو، 8 فيبروري تي ڪراچي مان به پيپلز پارٽي کي سوڀ حاصل ٿيندي، مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو، ڪراچي جا شهري تمام گهڻا محنتي آهن، کين سهولتون ملڻ گهرجن، شهر کي رهائش قابل بڻائڻ لاءِ تفريحي ماڳن کي بهتر ڪرڻو پوندو.
ڪراچي جي سفاري پارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين ڀٽو زرداري چيو ته هر اليڪشن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڪنگز پارٽي نموني واپس اچي ويندي آهي، عام چونڊن ۾ ڪنگز پارٽي جي حالت خراب ٿيندي.
هن چيو ته مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم جي اتحاد جو پ پ کي نقصان گهٽ ۽ فائدو وڌيڪ ٿيندو، 8 فيبروري تي ڪراچي مان به پيپلز پارٽي کي سوڀ حاصل ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته شهبازشريف کي وزيراعظم بڻائڻ لاءِ وڏي محنت ڪئي، بي اعتمادي واري رٿ تي پيغام آيو ته هو نيوٽرل آهن، بي اعتمادي رٿ کان ٻه ڏينهن اڳ جنرل باجوه کين گهرائي رٿ واپس وٺڻ جي درخواست ڪئي هئي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ عوام پيپلز پارٽي تي اعتماد ڪيو، هو عوامي سياست ڪندا آهن، ڪنهن کي بليڪ ميل ڪري اقتدار حاصل ناهي ڪيو، پنجاب ۾ سياستدان پسند جا آفيسر رکرائيندا آهن.
پ پ چيئرمين چيو ته
هڪ سوال جي جواب ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سختي کين افغان عوام نه پر طالبان سان ڪرڻ گهرجي، پ پ قانون تي عمل جي مخالفت نه ڪري هو چون ٿا ته افغان شهرين کي عزت سان پنهنجي ملڪ موڪليو وڃي.
هن چيوته ڪراچي جا شهري تمام گهڻا محنتي آهن، کين سهولتون ملڻ گهرجن، شهر کي رهائش قابل بڻائڻ لاءِ تفريحي ماڳن کي بهتر ڪرڻو پوندو.