باليووڊ اداڪارا پايل گهوش ڪرڪيٽر محمد شامي کي شادي جي آڇ ڪري ڇڏي .
محمد شامي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ شاندار پرفارمنس بعد ڀارت طرفان سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر بڻجي ويو .
اداڪارا پايل گهوش محمد شامي کي ٽيگ ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته هوءَ شاديءَ لاءِ تيار آهي پر توهان پنهنجي انگريزي سڌاريو .
واضح رهي ته 2014ع ۾ محمد شامي ماڊل حسين جهان سان شادي ڪئي هئي .
ڀارتي ميڊيا موجب محمد شامي ۽ سندس گهرواري وچ ۾ 2019ع کان ڪيس هلي رهيو آهي .
ڪجهه عرصو اڳ محمد شامي تي سندس گهرواري تشدد جا پڻ الزام هنيا هئا…..