پاڪستان فلسطين جي سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو : نگران وزيراعظم

- Advertisement -
نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ عالمي طاقتن کي غزه ۾ جاري بربريت تي خاموشي کي شرمناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي فلسطينين جي لاءِ آواز بلند ڪندو رهندو. سعودي عرب جي دوري تي موجود نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ڪئي. فلسطيني صدر سان ملاقات جي موقعي تي وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ قابض يهودي فوج طرفان هٿين خالي فلسطينين جي قتل عام ۽ نسل ڪشي تي افسوس جو اظهار ڪيو. نگران وزيراعظم خاطري ڪرائي ته پاڪستان فلسطين جي ماڻهن جي سفارتي ۽ اخلاقي مدد جاري رکندو. انوار الحق ڪاڪڙ جو چيو ته عالمي قوتون غزه ۾ جنگ بندي، هٿين خالي فلسطينين جو قتل عام روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ فوري غير مشروط جنگبندي ۽ امداد جي فراهمي لاءِ راهدي قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. صدر محمود عباس ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. خيال رهي ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ ٽي ڏينهن جي دوري تي سعود يعرب ۾ موجود آهي جتي هو والاريل فلسطين جي صورتحال تي هگنامي عرب سربراهي ڪانفرنس ۽ او آءِ سي جلاس ۾ شرڪت ڪندو. غزه جي خطرناڪ صورتحال تي اڄ رياض ۾ عرب سربراهه ڪانفرنس ٿيندي جنهن ۾ غزه جي بگڙجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
16%
1.7m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
28 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون