پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ 0.73 سيڪڙو اضافو اچڻ بعد مجموعي طور مهانگائي جي شرح 29.8 سيڪڙو تائين پهچي وئي.
شماريات کاتي جي جاري ڪيل رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ وڌيڪ 0.73 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي جنهن بعد مجموعي طور مهانگائي جي شرح 29.8 سيڪڙو تائين پهچي وئي، 20 شيون مهانگيون، 8 سستيون ۽ 23 ۾ بهتري آئي، هڪ هفتي دوران ٽماٽر 15 ڏهائي 4، پٽاٽا 4 ڏهائي 5 سيڪڙو، اٽو 2 ڏهائي 4، ٿوم 2 ڏهائي هڪ، ڪڪڙ جو گوشت هڪ ڏهائي 6 سيڪڙو مهانگو ٿي ويو.
شماريات کاتي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته هلندڙ هفتي ڳڙ، گيهه، چانور ۽ دالين جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي آئي آهي.
رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران ضروري 20 شين جون قيمتون وڌي ويون، 8 شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي آئي ۽ 23 شين جي قيمتن ۾ بهتر آئي آهي.