تازه ترين

غزھ ۾ جارحيت 36ھين ڏينھن ۾ داخل ٿي وئي، اسرائيل جي وحشياڻين ڪاررواين جي دوران شھيد فلسطينين جو انگ 11 ھزار کان وڌي ويو

غزھ ۾ جارحيت 36ھين ڏينھن ۾ داخل ٿي وئي، اسرائيل جي وحشياڻين ڪاررواين جي دوران شھيد فلسطينين جو انگ 11 ھزار کان وڌي ويو آھي.

اسرائيلي فوج اتر غزھ ۾ فلسطينين کي انساني ڍال بڻائي ڇڏيو، يھودي فوج جي ٽينڪن غزھ جي چئن اسپتالن جو گھيرو ڪري ورتو، شفا، العودھ، القدس ۽ انڊونيشنل اسپتال جي طرف بمباري ڪئي وئي، جڏھن تھ النصر چلڊرن اسپتال ۽ غزھ بلڊ بئنڪ تي بھ بم وسايا ويا.

ظلم فوج گڏيل قومن جي اسڪول ۽ اتر غزھ مان ويندڙ شھرين کي پڻ نشانو بڻايو، اسرائيلي بماري ۾ وڌيڪ 266 کان وڌيڪ فلسطيني شھيد ٿي ويا.

يھودي فوج جي حملن ۾ ھن وقت تائين 11ھزار کان وڌيڪ فلسطيني شھيد ٿي ويا آھن، جن ۾ 4 ھزار 880 ٻارڙا ۽ 3 ھزار کان وڌيڪ عورتون شامل آھن، جڏھن تھ 32 ھزار کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا.

غزھ پٽي ۾ القدس اسپتال تي اسرائيلي سناپئرز جي فائرنگ بعد فلسطيني ھلال احمر جمعي جي شام اعلان ڪيو تھ اسرائيلي فوج القدس اسپتال جي انتھائي اھم يونٽ تي فائرنگ ڪئي آھي.

اسرائيلي فوج اولھھ ڪناري ۾ بھ وڌيڪ 19 فلسطينين کي شھيد ڪري ڇڏيو.

فلسطيني صحت واري وزارت موجب غزھ جي 35 مان 18 اسپتالون مڪمل طور بند ٿي چڪيون آھن.

گڏيل قومن جي انساني حقن جي اداري جو چوڻ آھي تھ غزھ کي ھن وقت زمين تي دوزخ بڻايو ويو آھي.

عرب ميديا موجب اسرائيل ڌمڪي ڏني آھي ھو انھن اسپتال جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بماري ڪندو.

ٻئي پاسي حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ قيدين جي ڏي وٺ جو معاھدو پڻ طئي ٿي ويو آھي

عرب ٽي وي دعويٰ ڪئي تھ ٻنھي ڌرين وچ ۾ قطر ۾ جاري ڪيترن ئي ڏينھن کان ڳالھين بعد قيدين جي ڏي وٺ جو معاھدو ٿيو، اسرائيل فلسطيني قيدين کي آزاد ڪرڻ جي بدلي ۾ حماس 100 يرغمالين کي آزاد ڪندو…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
6.2kmh
38 %
جمعو
31 °
ڇنڇر
34 °
آچر
34 °
سُومر
35 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون