تازه ترين

پاڪستاني عورت گلوبل ٽيچر ايوارڊ کٽي ورتو

ٻھراڙي جي علائقي ۾ ٻارڙن کي تعليم فراھم ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪندڙ گجرانوالا جي رھواسڻ عورت پنھنجي نوعيت جو وڏو انعام ”گلوبل ٽيچر ايوارڊ 2023“ کٽي ورتو.

گلوبل ٽيچر پرائز جي آفيشل ويب سائٽ موجب سسٽر زيف ٻارڙن جي لاءِ پنھنجي گھر جي اکڻ ۾ اسڪول ٺاھيو، ھوءَ عورتن جي حقن ۽ ٻارڙن جي تعليم جي وڪيل ۽ حقيقي تبديلي آڻيندڙ عورت آھي.

سسٽر زيف اسڪول لاءِ فنڊز جمع ڪراڻ لاءِ 8 ڪلاڪ ڪم ڪندي رھي، 4ڪلاڪ ٻارڙن کي پڙھائيندي ۽ رات دير تائين پاڻ بھ پڙھندي رھي.

سسٽر زيف جي اڻٿڪ محنت بعد 26 سالن کانپوءِ اسڪول جي نئين عمارت بڻي جتي 200 کان وڌيڪ ٻارڙن کي مفت تعليم ڏني وڃي ٿي.

سسٽر زيف جو چوڻ آھي تھ ھن پنھنجي تعليم جي دوران سرڪاري اسڪول ڇڏي ڏنو ھو، کيس جنس، مذھب ۽ ٻين معاملن جي بنياد تي گھڻن مسئلن جو منھن ڏسڻو پيو.

ھن چيو تھ ھن پنھنجي دوستن ۽ ڀينرن سان گڏجي پاڻ تعليم حاصل ڪرڻ جو سفر شروع ڪيو، ان دوران ھوءَ ھٿ جي ڪڙائي جو ڪم پڻ ڪندي ھئي ۽ ان مان ٽيوشن جو خرچ پورو ڪندي ھئي، ھن پوليٽيڪل سائنس ۽ ھسٽري ۾ ماسٽرز جي ڊگري حاصل ڪئي.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ بھ پاڪستاني ٽيچر سسٽر زيف کي گلوبل ٽيچر پرائز 2023 کٽڻ تي واڌايون ڏيندي کيس پاڪستان لاءِ ھڪ شاندار لمحو قرار ڏنو.

واضح رھي تھ گلوبل ٽيچر ايوارڊ ورڪي فائونڊيشن طرفان ھر سال تعليمي ماھر کي ڏنو ويندو آھي جنھن پنھنجي پيشي ۾ شاندار خدمتون سرانجام ڏنيون ھجن.

ايوارڊ ماڻيندڙ کي 10 لک ڊالر جو انعام پڻ ڏنو ويندو آھي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
8.7 ° C
8.7 °
8.7 °
50 %
1.9kmh
5 %
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °
جمعو
14 °

تازه ترين خبرون