تازه ترين

پاڪستان جي سپر ھٽ ڊرامھ سيريل ۽ ڪيترا ايوارڊ پنھنجي نالي ڪندڙ ”تيري بن“ جي سيريز ٻھ جلد ناظرين جي لاءِ پيش ڪئي ويندي

پاڪستان جي سپر ھٽ ڊرامھ سيريل ۽ ڪيترا ايوارڊ پنھنجي نالي ڪندڙ ”تيري بن“ جي سيريز ٻھ جلد ناظرين جي لاءِ پيش ڪئي ويندي.

ڪجھھ مھينا اڳ ڊرامي جي پھرين سيزن جي پڄاڻي تي مداحن پروڊيوسر کان فرمائش ڪئي ھئي تھ ”تيري بن“ جي ٻي سيزن لازمي اچڻ گھرجي.

ڊرامي جي مرڪزي ڪردار وھاج علي ۽ ايميني زيدي جي جوڙي کي بھ تمام گھڻو پسند ڪيو ويو ھو.

ڊرامي ۾ نيگيٽو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارھ حيا جي ڪردار کي بھ مداحن طرفان گھڻي پذيرائي ملي ھئي .

ڊرامي جي پروڊيوسر عبداللھ ڪادواني سوشل ميڊيا تي ھڪ پوسٽ جي ذريعي اعلان ڪندي ٻڌايو تھ ڊرامي جي ٻي سيز جي شروعات ڊسمبر جي پڄاڻي کان ٿيندي.

ھن پنھنجي پوسٽ ۾ لکيو تھ ”تيري بن“سيزن ٻھ 29 ڊسمبر 2023 کان پيش ڪئي ويندي، مداح وڌيڪ خوبصورت لمحن لاءِ تيار ٿي وڃن.

عبداللھ ڪادواني لکيو تھ ھو واعدو ڪري ٿو تھ ڊرامو سڀني کي پسند ايندو.

واضح رھي تھ عبداللھ ڪادواني جي طرفان واضح نھ ڪيو ويو تھ 29 ڊسمبر کان ڊرامي جي شروعات ٿيندي يا شوٽنگ جي شروعات ٿيندي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
17 %
1.7kmh
40 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون