تازه ترين

بالي ووڊ اداڪارا پرينيتي چوپڙا راگھو چڍا کي پنھنجي ,,دوا,, قرار

راگھو چڍا 35 ورھين جو ٿي ويو، سالگرھھ جي موقعي تي سندس گھرواري ۽ اداڪارا پرينيتي چوپڙا پنھنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي مڙس جي لاءِ محبت ڀريا پيغام جاري ڪيا.

پرينيتي چوپڙا راگھو چڍا سان گڏ گذاريل زندگي جي ڪجھھ خوبصورت لمحن جون تصويرون انسٽاگرام تي پوسٽ ڪيون جن مان ھڪ تصوير ۾ اداڪارا جي پيرن تي مھندي بھ لڳل آھي .

اداڪارا پرينيتي چوپڙا راگھو چڍا سان مخاطب ٿيندي پنھنجي پوسٽ ۾ چيو تھ  ”منھنجا راگھائي“ اوھان خدا طرفان مليل تحفن مان سڀ کان بھترين تحفو آھيو.

ھن چيو تھ اوھان جي سوچ ۽ ذھانت کيس ھميشھ متاثر ڪندي آھي، ديانتداري ۽ سچائي کيس ھڪ بھترين انسان بڻايو آھي، جديد دور ۾ بھ ھو پراڻين روايتن جو احترام ڪري ٿو.

پرينيتي چوپڙا چيو تھ سندس خاندان کي پنھنجو خاندان سمجھندو آھي ۽ پيار ڪندو آھي، اھو سڀ ڏسي کيس گھڻي خوشي ٿيندي آھي ۽ پر سڪون رھڻ سندس لاءِ دوا جيان آھي.

اداڪارا پرينيتي چوپڙا لکيو تھ سندس چونڊ ڪرڻ تي ھوءَ ٿورائتي آھي.

ڀارت جي عام آدمي پارٽي سان تعلق رکندڙ ناليوارو سياستدان راگھو چڍا ھلندڙ سال 24 ڊسمبر تي شادي ڪئي ھئي ..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون