تازه ترين

ڪولمبيا جي عدالت طلاق جي ڪارروائي ۾ پالتو ڪـُتـِيِ کي فيملي جو حصو قرار

ڪولمبيا جي عدالت طلاق جي ڪارروائي ۾ پالتو ڪـُتـِيِ کي فيملي جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو .

پرڏيھي ميديا موجب عدالت طرفان اھو حڪم پالتو جانور جي پنھنجي مالڪ سان جذباتي لڳاءَ کي نظر ۾ رکندي ڏنو ويو.

ٻڌايو پيو وڃي تھ پالتو ڪـُتـِيِ سيمونا جيڊر ڪاسٽانو ۽ لينا اوچووا جي وچ ۾ طلاق ٿيڻ بعد لينا اوچووا جي حصي ۾ آئي ھئي.

سيمونا پنھنجي عورت مالڪ لينا سان ئي رھندي ھئي.

لينا اوچووا اڳوڻي مڙس جيڊر ڪاسٽانو کي پنھنجي ڪـُتـِي سيمونا سان گڏ کيڏڻ ۽ ملڻ کان روڪي ڇڏيو ھو.

جيڊر ڪاسٽانو پنھنجي پياري دوست (ڪـُتـِي) کي وڃائڻ بعد ڏکايل ھو ۽ صحيح نموني ماني بھ کائيندو ھو، ڪيترن ئي مھينن بعد ھن عدالت وڃڻ جو فيصلو ڪيو ۽ عدالت کيس طئي ڪيل شرطن تحت ڪـُتـِي سان ملڻ جي اجازت ملي.

جج فيصلو ڏنو تھ پالتو ڪـُتـِي کي قانوني طور جيڊر ڪاسٽانو جي ڌيءُ طور سمجھيو وڃي ۽ سيمونا کي طلاق جي ڪارروائي ۾ ھڪ ٻارڙي جيان سمجھيو وڃي….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
6.1 ° C
6.1 °
6.1 °
21 %
2.2kmh
100 %
آچر
16 °
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
15 °
خميس
14 °

تازه ترين خبرون