ڪراچي ۾ آئل ٽينڪر جي ويلڊنگ دوران ڌماڪو ٿيڻ جي نتيجي ۾ 2 شھري اجل جو شڪار ٿي ويا .
يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل ويجھو آئل ٽينڪر جي ويلڊنگ دوران ڌماڪو ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ 2 شھري زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ھنن دم ڏئي ڇڏيو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ اجل جو شڪار ٿي ويل 40 ورھين جو بلال ۽ 18 ورھين جو علي شامل آھن.
پوليس جو چوڻ آھي تھ يوسف ڳوٺ بس ٽرمينل ڀرسان آئل ٽينڪر جي ويلڊنگ دوران ڌماڪو ٿيو، وڌيڪ جاچ جاري آھي .