ٺل ۾ 12 ڏينھن اڳ گھر اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل عورت دم ڏئي ڇڏيو.
12 ڏينھن اڳ پنھيار پاڙي ۾ گھر اندر گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب زخمي ٿيل طاھرا پنھيار اڄ اسپتال ۾ دم ڏنو.
فوتي عورت جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد وارث گھر کڻائي پھتا تھ گھرڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو.
واضح رھي تھ 12 ڏينھن اڳ ايڪسيئن ھاءِ وي عبدالمجيد پنھيار جي گھر ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو ٿيو ھو.
ڌماڪي جي نتيجي ۾ طاھرا پنھيار ۽ گھر ۾ ملازمت ڪندڙ عورت زخمي ٿي پئي ھئي…