غزه ۾ 37 ڏينهن کان جاري اسرائيلي وحشياڻي ڪاررواين جي دوران شهيد فلسطينين جو انگ 11 هزار 100 کان وڌي ويو .
فلسطيني صحت واري وزارت موجب، اسپتالن تي حملن ۽ مڙهن يا زخمين کي طبي مرڪز ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ سبب صحت واري وزارت 11 نومبر تي شهيدن ۽ زخمين جا انگ اکر جاري نه ٿي ڪري سگهي .
ترجمان جو چوڻ هو ته هن وقت تائين يهودي فوج 1130 کان وڌيڪ قتل عام ڪيا آهن جڏهن ته شهيدن جو انگ11هزار 100 کان وڌيڪ ٿي ويو .
هن چيو ته شهيدن ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ٻارڙا ۽ عورتون شامل آهن، زخمين جو انگ 28 هزار کان وڌيڪ آهي ..