جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته غزا ۾ عورتن ۽ ٻارڙن تي ظلم ٿي رهيو آهي، هزارين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن هو مظلوم فلسطينين لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا ته تاريخ کين معاف نه ڪندي، دنيا جي مسلمانن کي پيغام ڏئي ٿو ته دين جو حڪم آهي ته مظلومن جي مدد ڪيو.
سيالڪوٽ ۾ يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اها جنگ حماس کٽي ويو ۽ اسرائيل هارائي ويو آهي، سوال اهو آهي ته سندن حڪمران ڪٿي بيٺل آهن، آمريڪا ٽي ڀيرا جنگي امداد جو اعلان ڪري چڪو آهي پر سندن حڪمران اتي وڃي نٿا سگهن.
هن چيو ته غزا ۾ مسلمانن کي بنا ڪفن جي دفنايو پيو وڃي پر مسلمان حڪمرانن جي ڪنن تي جونءِ به نٿي چُري.
سندس چوڻ هو ته ست آڪٽوبر کان هن وقت تائين جيترو بارود غزا ۾ استعمال ڪيو ويو ان جو تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، بمباري ۾ هزارين فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن.
جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته سندن حڪمران ملڪي وسيلن کي لٽڻ ۾ پورا آهن، اهي آمريڪا جي خوف سبب ڳالهائن نٿا.
هن چيو ته چونڊون ٿيڻ واريون آهن اهي حڪمران عوام ووٽ وووٽ لاءِ ايندا انهن کان پڇاڻو ڪيو وڃي ته ملڪ تباهي ڪناري تي ڪيئن پهتو