غزه تي جاري اسرائيلي حملن ۾ 59 مسجدون به شهيد ٿي ويون

- Advertisement -
غزه تي جاري اسرائيلي حملن ۾ 59 مسجدون به شهيد ٿي ويون. غزه تي 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي بمباري ۾ چئن تاريخي مسجدن سميت 59 مسجدون شهيد ٿي ويون آهن ۽ ٻه سئون کان وڌيڪ مسجدن کي جزوي نقصان پهتو آهي. فلسطين جي گهرو وزارت طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چيو ويو ته ٻه ڏينهن اڳ اسرائيلي جهازن يونس جي علائقي ۾ خالد بن وليد مسجد تي بمباري ڪئي . اسرائيلي فوج جي بمباري سان مسجد ڪجهه سيڪنڊن ۾ ئي مڪمل طور تباهه ٿي وئي، يونس جي علائقي ۾ ئي هڪ ٻي مسجد الخلاص کي به تباهه ڪيو ويو . اسرائيلي حملن ۾ 136 مسجدن ۽ ٽن گرجا گهرن کي جزوي نقصان پهتو. فلسطيني اختيارين موجب ڪنهن به جنگ ۾ عبادتگاهن کي ڇوٽ حاصل آهي پر اسرائيل سمورن جنگي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.6 ° C
13.6 °
13.6 °
18%
2.3m/s
0%
ڇنڇر
22 °
آچر
22 °
سُومر
22 °
اڱارو
23 °
اربع
22 °

تازه ترين خبرون