تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اقتدار ۾ اچي نئين آئيني ترميم آڻڻ تي اتفاق

- Advertisement -
مسلم ليگ ن ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ اقتدار ۾ اچي نئين آئيني ترميم آڻڻ تي اتفاق ڪيو آھي، خواجه سعد رفيق جو چوڻ آهي ته سندن سياسي اتحاد ڪنهن کي مائنس ڪرڻ لاءِ ناهي، ڪنهن کي مائنس ڪرڻ مسلم ليگ ن جي سياسي ايجنڊا نه رهي آهي. ڪراچيءَ ۾ اياز صادق، خواجا سعد رفيق ۽ بشير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ن ليگ جي وفد ايم ڪيو ايم ڪنوينر خالد مقبول صديقي سان ملاقات ڪئي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالھائيندي خواجا سعد رفيق چيو تھ وقت اچي ويو آھي تھ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جو فارمولو طئي ٿئي، عوام جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيو ويندو. ھن چيو تھ صوبائي فنانشل ايوارڊ سان وسيلن جي منصفاڻي ورڇ جي عمل کي اڳتي وڌائڻ گھرجي. سندس چوڻ ھو تھ ايم ڪيو ايم ايم اتحادي پارٽي آهي، اين ايف سي کي هاڻي حقيقي بڻائڻ گهرجي. خواجا سعد رفيق چيو تھ ايم ڪيو ايم سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ بابت ڪنهن به قسم جون ڳالهيون نه ٿيون آهن، سياسي اتحاد سنڌ جي مفادن ۾ قائم ڪيو ويندو. ان موقعي تي  ايم ڪيو ايم ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو تھ ملڪي آئيني عوام دوست هئڻ گهرجي، حڪمران دوست آئين نه هلندو. ھن چيو تھ ملڪ ۾ اصل بحران مالي نه پر ارادن جو آهي،  مڪاني حڪومتن کي به آئيني ۽ قانوني تحفظ ملڻ ضروري آهي. سندس چوڻ ھو تھ مسلم ليگ ن جي قيادت جو خيال آهي ته ملڪ جي بقا لاءِ جمهوريت جو سرچشمو بهتر ڪرڻ ضروري آهي،  سياسي پارٽين کي هڪ ٻئي جي مينڊيٽ کي قبول ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.2 ° C
20.2 °
20.2 °
16 %
5.4kmh
0 %
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون